سنڌي گرامر ڪوئز – 13 November 25, 2026 سنڌي گرامر ڪوئز - 13 سنڌي گرامر جا ڏکيا 25 MCQs — ڪتاب ”سنڌيڪا سنڌي گرامر“ (دادا سنڌي) تي ٻڌل. 1 / 25 ”پنهنجو لکيو تو نه پڙهيو“ ۾ ”لکيو“ ڇا آهي؟ A. اسم مفعول B. اسم فاعل C. اسم عطفيه D. اسم مصدر لکيو اسم ٿي ڪم آيو آهي. 2 / 25 ”عطف“ جي معنى ڇا آهي؟ A. ماپو B. ڇڪڻ C. ملائڻ يا ڳنڍڻ D. سڏ ڪرڻ عطف معنى ملائڻ يا ڳنڍڻ. 3 / 25 اسم عطفيه ڇا آهي؟ A. فعل جي اها صورت جا ايندڙ وقت ٻڌائي B. فعل جي اها صورت جا ڪم ڪندڙ ٻڌائي C. فعل جي اها صورت جا ڪم جو نالو ٻڌائي D. فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل هڪ ڪم کي پورو ڪري پوءِ ٻيو ڪم شروع ڪيو آهي عطفيه ٻن ڪمن کي ڳنڍي ٿو. 4 / 25 اسم استقبال ڇا آهي؟ A. اهو لفظ جيڪو ٻن ڪمن کي ڳنڍي B. اهو لفظ جيڪو ڪم ڪندڙ ٻڌائي C. اهو لفظ جيڪو گذريل ڪم جو اثر ٻڌائي D. اهو لفظ جنهن جو بنياد فعل هجي ۽ ڏيکاري ته ڪم ايندڙ وقت ۾ ٿيندو استقبال معنى ايندڙ وقت. 5 / 25 اسم مفعول ڇا آهي؟ A. اهي لفظ جيڪي ٻن ڪمن کي ڳنڍين B. اهي لفظ جيڪي ڪم ڪندڙ ٻڌائين C. اهي لفظ جن جو بنياد فعل هجي ۽ ڏيکارين ته اسم تي ڪو ڪم ٿيو آهي D. اهي لفظ جيڪي ايندڙ وقت جو ڪم ٻڌائين اسم مفعول ۾ ڪم جو اثر ڏيکاريل هوندو آهي. 6 / 25 ”داغيل“ جو بنياد (امر) ڪهڙو آهي؟ A. داغ B. داغي C. داغڻ D. داغيو داغ + يل = داغيل. 7 / 25 ”ڪتو ٻلي کي ماري ڀڄي ويو“ ۾ ”ماري“ ڇا آهي؟ A. اسم حاليه B. اسم فاعل C. اسم عطفيه D. اسم مفعول ماري، ڀڄڻ کان اڳ ڪم جو پورو ٿيڻ ٻڌائي ٿو. 8 / 25 ”ڇوڪر ماني کائي اسڪول ويو“ ۾ ”کائي“ ڇا آهي؟ A. اسم استقبال B. اسم مفعول C. اسم حاليه D. اسم عطفيه ماني کائڻ کانپوءِ اسڪول وڃڻ. 9 / 25 کاءُ + يندو =؟ A. کايو B. کائندو C. کائڻو D. کائيندو زير واري امر پٺيان يندو مالائبو آهي. 10 / 25 ”روئڻي ٻار کي پرچاءِ“ ۾ ”روئڻي“ جو بنياد ڪهڙو آهي؟ A. ٻار B. روءِ C. پرچاءِ D. روئيو روئڻي بنياد ”روءِ“ مان نڪتل آهي. 11 / 25 ”اٿيل اک ۾ دارون وجهه“ ۾ ”اٿيل“ ڇا آهي؟ A. اسم فاعل B. اسم استقبال C. اسم حاليه D. اسم مفعول اٿيل بنياد ”اٿ“ مان نڪتل مفعول آهي. 12 / 25 پڙهه + ڻو =؟ A. پڙهڻو B. پڙهندو C. پڙهيو D. پڙهندڙ اسم استقبال پڙهڻو. 13 / 25 ”پڪل انب کاءُ“ ۾ ”پڪل“ جو بنياد ڪهڙو آهي؟ A. پڪو B. پڪ C. پچ D. پکو پڪل بنياد ”پچ“ مان آهي. 14 / 25 ”انور ڪاٺيون ڪندو گهر آيو“ ۾ ”ڪندو“ ڇا آهي؟ A. اسم عطفيه B. اسم حاليه C. اسم استقبال D. اسم مفعول انور ڪاٺيون ڪرڻ ۽ گهر اچڻ ٻئي ڪم گڏ ڪري ٿو. 15 / 25 ”مارڻي ڍڳي کان پري ڀڄ“ ۾ ”مارڻي“ ڇا آهي؟ A. اسم مفعول B. اسم حاليه C. اسم فاعل D. اسم استقبال مارڻي ۾ ”ڻو“ واري صورت آهي. 16 / 25 اسم حاليه ڇا آهي؟ A. اهو لفظ جيڪو ڪم جو اثر ٻڌائي B. اهو لفظ جيڪو ٻن جملن کي ڳنڍي C. اهو لفظ جيڪو ڏيکاري ته فاعل هڪ ڪم کي هلندي ٻيو ڪم به پورو ڪري ٿو D. اهو لفظ جيڪو ڪم جو نالو ٻڌائي حاليه ۾ ٻه ڪم گڏ هلن ٿا. 17 / 25 اسم عطفيه جو ٻيو نالو ڪهڙو آهي؟ A. ماضي بعيد B. ماضي قريب C. ماضي معطوفي D. ماضي مطلق عربي صرف نحو ۾ ان کي ماضي معطوفي به چيو وڃي ٿو. 18 / 25 اسم حاليه ڪيئن ٺهندو آهي؟ A. هر امر پٺيان رڳو ”يل“ مالائڻ سان B. هر امر پٺيان رڳو ”ڻو“ مالائڻ سان C. پيش واري امر پٺيان ”ندو“ ۽ زير واري امر پٺيان ”يندو“ مالائڻ سان D. پيش واري امر پٺيان ”يندو“ ۽ زير واري پٺيان ”ندو“ مالائڻ سان پڙهه + ندو = پڙهندو، کاءُ + يندو = کائيندو. 19 / 25 ”نوڪر صفائي ڪري گهر ويو“ ۾ ”ڪري“ ڇا آهي؟ A. اسم عطفيه B. اسم مفعول C. اسم حاليه D. حرف جر ڪري هتي صفائي پوري ٿيڻ بعد گهر وڃڻ ٻڌائي ٿو. 20 / 25 اسم استقبال ڪيئن ٺهندو آهي؟ A. امر حال واحد پٺيان ”يندو“ مالائڻ سان B. امر حال واحد پٺيان ”يو“ مالائڻ سان C. امر حال واحد پٺيان ”ڻو“ مالائڻ سان D. امر حال واحد پٺيان ”ندڙ“ مالائڻ سان پڙهه + ڻو = پڙهڻو. 21 / 25 ”مونکي امتحان ڏيڻو آهي“ ۾ ”ڏيڻو“ ڇا آهي؟ A. اسم فاعل B. اسم عطفيه C. اسم استقبال D. اسم مفعول ڏيڻو بنياد ”ڏي“ مان آهي. 22 / 25 هيٺين مان بي قاعدي اسم مفعول ڪهڙو آهي؟ A. لکيو B. پڙهيل C. ٻڏو D. اٿيل ٻڏو، لڪو، پيتو، مئو بي قاعدي اسم مفعول آهن. 23 / 25 اسم مفعول ڪيئن ٺهندو آهي؟ A. امر حال واحد پٺيان ”ڻ“ مالائڻ سان B. امر حال واحد پٺيان ”ندڙ“ مالائڻ سان C. امر حال واحد پٺيان ”ڻو“ مالائڻ سان D. امر حال واحد پٺيان ”يو“ ۽ ”يل“ مالائڻ سان پڙهه + يو = پڙهيو، پڙهه + يل = پڙهيل. 24 / 25 پڙهه + يل =؟ A. پڙهندو B. پڙهيل C. پڙهڻو D. پڙهيندڙ اسم مفعول پڙهيل. 25 / 25 ”سڙيل صوف ۽ داغيل انب نه کاءُ“ ۾ ”سڙيل“ ۽ ”داغيل“ ڇا آهن؟ A. اسم مفعول B. اسم استقبال C. اسم حاليه D. اسم فاعل سڙيل، داغيل مفعول جا لفظ آهن. Your score isThe average score is 0% 0% Restart quiz